شڪارپور ڀرسان مھر مارفاڻي تڪرار تان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن مارفاڻي برادري جي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن ڳوٺ کاھي وٽ شفقت پمپ وٽ مھر ڌر جي ٻن نوجوانن مٿان ڇتي فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ نوجوان علي شاد مھر ۽ محمد عاصم مھر ٿڏي تي مارجي ويا جڏھن ته ھٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا اطلاع تي ڳڙھي ياسين پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مارجي ويل ٻنھي ڄڻن جا لاش کڻائي اسپتال آندا. مھر ۽ مارفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار تان واقعو پيش آيو آھي ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنھي ڌرين ۾ چوري مامري تان تڪرار ھلندڙ آھي