ميلبورن، پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏيل آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2022ع جي فائنل ۾ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ 80 هزار کان مٿي تماشائي موجود هئا آءِ سي سي جي ٽوئيٽ موجب پاڪستان ۽ انگلينڊ جي فائنل لاءِ ڪُل 80 هزار 462 تماشائي اسٽيڊيم آيا، ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ تماشائين جي اڪثريت پاڪستان جي سپورٽرز هئي ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن جي گنجائش آهي، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ گروپ ميچ دوران 90 هزار کان مٿي ماڻهو موجود هئا
