پي ٽي آءِ چيئرمين کان پوءِ هاڻ نوازشريف لاڏلو بڻجي چڪو آهي: آصف زرداري

پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کان پوءِ هاڻ نوازشريف لاڏلو بڻجي چڪو آهي پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري لاهور ۾ پنجاب ۽ لاهور جي قيادت سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ايندڙ عام چونڊن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران خيالن جو اظهار ڪندي آصف علي زرداري چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کان پوءِ هاڻ نوازشريف لاڏلو بڻجي چڪو آهي ۽ عوام لاڏلن کي نه پر پنهنجي چونڊيل نمائندن کي پسند ڪندا آهن آصف علي زرداري چيو ته ريڊ ڪارپيٽ لاڏلن جي لاءِ وڇايو ويندو آهي. اسان جي لاءِ نه. اسان کي ڪنهن ٻئي جا نه پر عوام جا دل کٽڻا آهن. هن چيو ته عام چونڊن ۾ گهبرائڻ جي ضرورت نه آهي پر هاڻ اسان کي مقابلو ڪرڻو آهي. لاهور ۽ پنجاب جي هر تڪ تان سٺا اميدوار آڻڻا آهن ۽ چونڊون کٽي بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بنائڻو آهي آصف علي زرداري چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت اميدوارن جو ڀرپور ساٿ ڏيندي جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي 9 ڊويزنن ۾ ڪوٺايل ڪنوينشنن کي خطاب ڪندو. اجلاس دوران اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي چونڊن ۾ ٽڪيٽ جي خواهشمند اميدوارن جي انٽرويوز لاءِ نامزد ڪيو ويو ۽ اهو طئي ڪيو ويو ته اهو صوبائي ۽ ضلعي عهديدارن سان ملي انٽرويو ڪندو.