ورسڪ روڊ تي نجي بينڪ ۽ اسڪول ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ٻارن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن پشاور جي علائقي ورسڪ روڊ تي نجي بينڪ ۽ اسڪول ويجهو روڊ ڪناري تي لڳل ڌماڪيدار مواد ڦاٽي پيو جنهن سبب زوردار ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي سبب بينڪ جا شيشا ٽٽي پيا ۽ ويجهين دوڪانن کي به نقصان پهتو آهي پوليس موجب ڌماڪي جي اطلاع ملي آهي، ريسڪيو ٽيمون ۽ سيڪيورٽي اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا آهن ريسڪيو اهلڪارن ٻارن کي فوري طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته سيڪيورٽي اهلڪارن واقعي واري هنڌ کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي اهو پتو لڳايو پيو وڃي ته ڌماڪيدار مواد ڪڏهن رکيو ويو ۽ ڪهڙي گاڏي ۾ آندو ويو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ نجي بينڪ جو عملو مڪمل طور تي محفوظ رهيو هوڏانهن ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان موجب ڌماڪي ۾ 7 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن جنهن ۾ 3 ٻار به شامل آهن. زخمي ٻارن جون عمرون 7 کان 10 سالن جي وچ ۾ آهن جن مان هڪ 9 سالن جي ٻار جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ترجمان موجب زخمين ۾ احمد جان، احسان الله، جاويد خان، ظاهرالله، سعد احمد ۽ يوسف خان شامل آهن ايس پي ورڪ ارشد خان صحافين سان ڳالهين دوران ٻڌايو ته ڌماڪو صبح 9 لڳي 10 منٽن تي ٿيو جنهن ۾ 4 ڪلو گرام بارودي مواد استعمال ڪيو ويو. ڌماڪي جو ٽارگيٽ ڪير هو اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو.