جسٽس مظاهر نقوي جسٽس اعجازالاحسن کي جوڊيشل ڪائونسل کان ڌار ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي خلاف داخل شڪايت جي معاملي تي جسٽس اعجازالاحسن کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل کان ڌار ڪرڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي جسٽس مظاهر اڪبر ايڊووڪيٽ ميان دائود ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو آهي جڏهن ته درخواست سان گڏ اڳوڻي سي سي پي او غلام محمد ڊوگر جي ڪيس جي آرڊر شيٽ به لڳائي وئي آهي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جسٽس اعجاز کي جسٽس مظاهر جي خلاف شڪايت ٻڌندڙ ڪائونسل کان ڌار هجڻ گهرجي. ان جي جڳهه ڪنهن ٻئي سينئر جج کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو حصو بنايو وڃي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس مظاهر جي خلاف ڪرپشن ۽ مس ڪنڊڪٽ جو ريفرنس جوڊشل ڪونسل ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. جوڊيشل ڪونسل جسٽس مظاهر کي ٻيون شوڪاز جاري ڪري چڪي آهي. شوڪاز ۾ جسٽس مظاهر نقوي کان 3 آڊيو ليڪس جي باري ۾ سوال ڪيو ويو آهي. ٽئي آڊيو ليڪس ڪيس جي فڪسنگ ۽ غلام محمود ڊوگر ڪيس بابت آهن. جسٽس اعجاز ان بينچ جو حصو هو. جنهن غلام محمود ڊوگر ڪيس ٻڌو. ان لاءِ قانوني ۽ اصولي طور تي غلام محمود ڊوگر جو ڪيس ٻڌندڙ ڪوبه جج جوڊيشل ڪونسل جو ميمبر نٿو رهي سگهي درخواست وڌيڪ چيو ويو آهي ته جسٽس اعجازالاحسن جو سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ ميمبر رهڻ آئين جي آرٽيڪل 10 اي ۽ 9 جي خلاف آهي. جسٽس اعجاز جو جوڊيشل ڪونسل جو حصو رهڻ مفادن جي ٽڪراءُ ۽ شفافيت جي اصول خلاف آهي. شڪايت ڪندڙ ۽ عوام جو اهو تاثر آهي ته جسٽس اعجاز ڪائونسل ۾ انصاف جون گهرجون پوريون نه ڪري سگهندو