نوازشريف کي سزا ڏيندڙ جج گهر اچي معافي گهري هئي: راڻا ثناءُالله

مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته نوازشريف کي سزا ڏيندڙ جج گهر اچي معافي گهري، جج کي اهڙي فيصلي تي نوڪري تان هٽايو ويو پر نوازشريف کي ڏنل سزا بحال رکي وئي نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته نارووال ۾ پارٽي ميمبرن جي ناراضگي هڪ تڪ جي ڪري آهي. جڏهن هڪ ٽڪيٽ تي 13-13 اميدوار هوندا ته پوءِ ننڍيون وڏيون ناراضگيون يا احتجاج ته ٿيندا پر پارلياماني بورڊ ميرٽ تي تڪ ۾ ٽڪيٽ جو فيصلو ڪندو ته معاملو پاڻمرادو حل ٿي ويندو سياستدانن جي ٻارن کي ٽڪيٽ ڏيڻ تي راڻا ثناءُالله چيو ته سياستدان جا ٻار جيڪڏهن سياست ۾ دلچسپي وٺن ٿا ته ان ۾ تعجب جي ڪهڙي ڳالهه آهي. جڏهن هڪ ڊاڪٽر جو پٽ ڊاڪٽر ۽ هڪ انجنيئر جو پٽ انجنيئر بڻجي سگهي ٿو ته سياستدان جو پٽ سياست ۾ ڇو نٿو حصو وٺي سگهي. اسان کي صرف ٽڪيٽ جاري ڪرڻي آهي. کٽڻ جو فيصلو ته تڪ جي عوام کي ڪرڻو آهي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي پارٽي سان ناراضگي بابت سوال تي مسلم ليگ(ن) پنجاب جي صدر چيو ته شاهد خاقان عباسي ڪڏهن به ناراضگي جو اظهار نه ڪيو. البته بطور سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ انهن جو موقف آهي ته انهن کي چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ گهرجي. پارٽي شاهد خاقان عباسي کي ڪنهن معاملي ۾ پوئتي نه رکيو هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُالله چيو ته نوازشريف جون 2 اپيلون ٻڌڻي هيٺ هيون. هڪ ۾ ضمانت ٿي چڪي آهي جڏهن ته ٻئي اپيل جي تاريخ به ٻڌڻي جي لاءِ مقرر آهي. ان ۾ به هڪ کان ٻه ڏينهن لڳندا راڻا ثناءُالله چيو ته ان اپيل ۾ نوازشريف کي مليل سزا هڪ مذاق آهي. سزا ڏيندڙ جج باقاعده گهر اچي معافي گهري ۽ چيو ته مان تمام گهڻو دٻاءُ ۾ هئس ۽ پوءِ ساڳئي بنياد تي جج مرحوم ملڪ ارشد کي به عهدي تان هٽايو ويو پر اها سزا بحال رکي وئي (ن) ليگ اڳواڻ چيو ته اها سزا ختم ٿيڻ کان پوءِ نوازشريف پوري طرح سان چونڊ وڙهڻ جي اهل ٿيندو ۽ ڪاميابي جي صورت ۾ ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ چوٿون ڀيرو وزيراعظم جو به حلف کڻندو.