ڪنڌ ڪوٽ : جي عيدگاھ پاڙي جي رھواسين جو پوليس اھلڪار جي ڏاڍاين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري تحفظ جي گھر ڪئي

ان موقعي تي متاثرين زبير احمد ڀٽو طاھر حسين ڀٽو سندن جي پوڙھي امڙ مسمات حاڪم خاتون ڀٽو ميڊيا اڳيان دانھيندي ٻڌايو ته ان جو نياڻو محمد پريل ڀٽو ۽ ان جي پٽ پوليس اھلڪار وسيم اسان کي بنا جواز گھر ۾ گھري موت مار ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ۽ گھر ۾ موجود عورتن سان بدتميزي پڻ ڪئي متاثر پوڙھي حاڪم خاتون جو چوڻ ھو ته جوابدار بااثر آھن جن اڳ به منھنجي مڙس کي ڌمڪيون ڏنيون جنھن کي دل جو دورو پيو جيڪو فوت ٿي ويو ان کان پوء وري ظالم منھنجي ٻچڙن کي تنگ ڪري اسان جو جيئڻ جنجال ڪيو آھي ان لاء اسان ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ سميت وس وارن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان کي تحفظ ڏئي جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي