ڪنڌڪوٽ : انڊس ھاءِ وي تي ڏوھارين جي پوليس ۽ رينجرس جي گاڏين تي فائرنگ سبب شھيد ٿيل پوليس اھلڪار گبلو ٿاڻي جو وڏو منشي خالد حسين ابڙو جي جنازي نماز رات دير سان ايس ايس پي آفيس ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ڊي سي امیر افضل اویسي، ايس ايس پي مير روحل خان کوسو، رينجرس ونگ ڪمانڊر سميت پوليس ۽ رينجرس جي عملدارن شرڪت ڪئي زخمي ٿيل ٽي رينجرس اھلڪارن محمد رفيق، فضل عثمان، علي شير کي سکر منتقل ڪيو ويو آهي واقعي تي آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کي ڏوھارين خلاف بنا دير ايڪشن ڪاروائي ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون ڏوھارين جو خاتمو ڪيو وڃي خبر فائيل ٿيڻ تائين واقعي ۾ گھربل ڏوھاري ھٿ نه اچي سگھيا آهن ضلعي اندر مختلف ڏوھاري گينگ ٻيھر سرگرم ٿيڻ لڳا جنهن ڪري عوام ۾ به خوف وارو ماحول پيدا ٿي ويو