ڪنڌڪوٽ:عوامي تحريڪ جي اڳواڻ رسول بخش پليجو ۽ شھيد فاضل راھو جي ويجھي ساٿي حسن علي ٻپڙ جي ٽيجهي جي مناسبت سان تعذيتي ميڙاڪو سندس اباڻي ڳوٺ

ڳوٺ مھرو لڳ ڪرمپور ۾ ٿي گذريو. جنھن ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن سياسي سماجي ماڻھن شرڪت ڪئي ـ ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ضلعي صدر گل حسن ٻپڙ جنرل سيڪريٽري صدام کوسو نواز ٻپڙ گلاب ٻپڙ عارب ٻپڙ راجا ٻپڙ منصور ٻپڙ آصغر ملڪ ـ ـ اندر لعل پرشانت ڪمار ۽ ٻين اڳواڻن ڳالھائيندي چيو تہ حسن علي ٻپڙ ـ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ھاري پورھيت طبقي کي منظم ڪرڻ ۽ جدوجھد م پنھنجي حصي جو شاندار ڪردار ادا ڪيو ـ ايم آر ڊي کان ويندي ڪالاباغ ڊئم مخالف جدوجھد توڙي مذھبي انتھا پسندي قبائليت وڏيراشاھي خلاف عوامي سجاڳي ۽ جدوجھد ۾ صف اول جو اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو اتر سنڌ جي قبيلائي دھشتگرد ڪاروڪاري انتھاپسندي جھڙي خوف ناڪ سماج کي چلينج ڪري آمريت دور ۾ عوامي جدوجھد کي پروان چڙھيو ـ سنڌي ماڻھن کي سجاڳ ڪيو ۽ جدوجهد جي ميدان ۾ آندو. هو پنهنجي ساه جي آخري گهڙين تائين فڪرِ رسول بخش پليجو سان ثابت قدم رهيو. سنڌ جي مظلوم ۽ پورھيت طبقي لاء جدوجھد ڪرڻ، سنڌ جي عورتن کي باشعور بڻائڻ ۾ حسن علي ٻپڙ جو تمام وڏو حصو رھيو آھي. ھو ايم آر ڊي تحريڪ، سنڌ جون زمينون نيلام بند ڪريو تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپرايو ۽ ٻين ڪيترين ئي جدوجھدن ۾ اڳڀرو رھيو. تنظيم اندر ڪارڪن ڪيئن ٺاھجن ۽ انھن جي تربيت ڪري جدوجھد جي ميدان ۾ ڪيئن آڻجي اھو فن وٽس بھتر نموني موجود ھو ـ .سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن سميت سنڌ جي ٻين اھم قومي ۽ عوامي مسئلن تي عوامي تحريڪ طرفان ڪيل لانگ مارچن، احتجاجن، مظاھرن ۾ سرگرمي سان حصو وٺندو هو. عوامي تحريڪ هن بھادر ۽ جفاڪش ساٿي کي سرخ سلام پيش ڪري ٿي. سنڌ جي قومي حقن لاءِ حسن علي ٻپڙ جي ڪيل جدوجھد ھميشہ ياد رکيو ويندو