غيرقانوني ترسيل پرڏيهي پاڪستان جي سلامتي ۽ معيشت کي نقصان پهچائي رهيا آهن: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته غيرقانوني ترسيل پرڏيهي پاڪستان جي سلامتي ۽ معيشت کي نقصان پهچائي رهيا آهن اهڙن غيرقانوني پرڏيهين کي باعزت طريقي سان سندن ملڪن ۾ واپس اماڻيو پيو وڃي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير پشاور جو دورو ڪيو جتي ڪور ڪمانڊر پشاور سندس استقبال ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف دهشتگردي کان بچاءُ لاءِ مختلف ڪارروائين ۾ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن ۽ جوانن سان به ملاقات ڪئي ۽ انهن جي بي مثال ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي. ان موقعي تي جنرل عاصم منير کي سيڪيورٽي جي گڏيل صورتحال، دهشتگردي کان بچاءُ لاءِ ڪيل ڪارروائين، غيرقانوني پرڏيهين جي ملڪ واپسي سميت نئين ضم ٿيل ضلعن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏني وئي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پهريون ڀيرو خيبرپختونخواهه ۾ منعقد ڪيل قومي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته قوم کي هٿياربند فوج جي ڪارڪردگي تي فخر آهي. پاڪ فوج ملڪ جي حفاظت جو فرض رت جي آخري ڦڙي تائين ادا ڪندي رهندي آرمي چيف نئين ضم ٿيل ضلعن ۾ اقتصادي ترقي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ڪاميابي پاڪستان جو مقدر آهي. دشمن طاقتن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بنايو پيو وڃي. جنرل عاصم منير چيو ته غيرقانوني ترسيل پرڏيهين جي واپسي جو فيصلو حڪومت پاڪستان جي وسيع تر مفاد لاءِ ڪيو. غيرقانوني ترسيل پرڏيهي پاڪستان جي سلامتي ۽ معيشت کي نقصان پهچائي رهيا آهن. غيرقانوني پرڏيهين کي باعزت طريقي سان انهن جي ملڪن ڏانهن واپس اماڻيو پيو وڃي.