واهي پانڌي 15 ورهين جي نوجوان گهرڀاتين پاران خرچي نه ڏيڻ تان پاڻ مٿان فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي ڪاڇي جي ٿاڻي ڊرگھ بالا ٿاڻي جي حد ڳوٺ گزياڻي لنڊ ۾ 15 سالن جي نوجوان ضمير لنڊ پٽ بچل لنڊ گهرڀاتين پاران خرچي نه ڏيڻ تان پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو جڏھن ته حد جي پوليس جاءِ واردات تي پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جوهي اسپتال کڻائي وئي جتان بعد ۾ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.