ڪنڌڪوٽ ڀرسان ڳوٺ مراد فقير بنگوار ۾ 10 ڏينهن اڳ گھر تي حملو ڪري اڳوڻي مڙس پاران مبينا طور اغوا ڪري ويل طلاقيل زال کي پوليس بازياب نه ڪرائي

ڪنڌڪوٽ ڀرسان ڳوٺ مراد فقير بنگوار ۾ 10 ڏينهن اڳ گھر تي حملو ڪري اڳوڻي مڙس پاران مبينا طور اغوا ڪري ويل طلاقيل زال کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي مغوي عورت جي بازيابي ۽ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء مغوي عورت مسمات سومل خاتون جي وارثن طرفان گلزار بنگوار ـ نيڪ محمد بنگوار عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاھرو ڪري رھيا آهن ـ مظاھرين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته اسان جي نياڻي مسمات سومل خاتون پنهنجي مڙس رياض بنگوار کان مڙس جي غلط رويئي ۽ گھر ڀاتين جي ظلم ذيادتين کان تنگ اچي ڪورٽ سڳوري ذريعي طلاق ورتي ھئي جنھن بعد جوابدار ڌر جي محمد خان بنگوار ـ رياض بنگوار ـ علي شير ـ شاھ محمد ـ ھمت علي ـ ممتاز ۔ گلشير ـ گھنور بنگوار ۽ ٻين 10 ڏينهن اڳ اسان جي گھر تي حملو ڪري ٽن عورتن سميت ستن ڄڻن کي مرڻينگ ڪري اسان جي نياڻي مسمات سومل خاتون کي اغوا ڪري ويا آهن پوليس نياڻي کي بازياب ڪرائڻ لاء ڪا به ڪاروائي ناھي ڪئي جڏهن ته جوابدار ڌر اسان کي قتل ۽ ٻيا سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آهن ـ ھنن آء جي سنڌ ـ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدار ڌر خلاف ڪاروائي ڪري نياڻي کي بازياب ڪرائي ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي