ٺڪراٺو :مهر مائنر جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ ۽ آبپاشي عملي پاران رشوت عيوض پاڻي وڪرو ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ٺڪراٺو جي مهر مائنر جي پوڇڙي ۾ پاڻي نه پهتو جنهن خلاف آباگارن احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين علي احمد،محمد حسن،الهبچايو، ڪريم بخش مهر ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته داروغو لقمان ڪليري ۽ سرويئر غلام شبير لانگاھ پاران رشوت عيوض مهر مائنر تي سرعام غير قانوني لفٽ مشينون هڻائي ڇڏيون آهن في لفٽ مشين تي پنج کان ڏھ هزار روپيه وصول ڪري پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن سبب واھ جي پوڇڙي ۾ پاڻي نه پيو پهچي ۽ سوڪڙي سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ ۽ سرنهن جا فصل سڪي رهيا آهن ۽ سندن لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي هنن چيو ته اسانجو معاشي قتل ٿي رهيو آهي احتجاج ڪندڙن پاران وڏي وزير ، آبپاشي جي وزير ۽ اعلا عملدارن سان گڏ پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر کي اپيل ڪندي چيو ته فوري طور نوٽيس وٺي هلندڙ غير قانوني لفٽ مشينون بند ڪرايون وڃن ۽ ملوث عملي خلاف قانوني قدم کنيو وڃي