ڪنڌ ڪوٽ ۾ سبزي وڪرو ڪندڙ پورھيتن مٿان ميونسپل ملازمن ڀتو نھ ڏيڻ تان ڏمرجي پيا مزاحمت ڪرڻ تي پورھيت امانت ملڪ سميت ٽي پورھيت ملازمن ھٿان سخت زخمي ـ سبزي وڪرو ڪندڙن محمد ابراھيم امانت ملڪ منٺار نصيراڻي موچارو ميراڻي ۽ ٻين بدمست ملازمن سجاد سھرياڻي علي رضا سھرياڻي ۽ ٻين خلاف ڊي سي آفيس آڏو سخت احتجاج ڪندي دانھيو ته اسان ڪيترن ئي سالن کان شھر جي مين روڊ کان پاسيراٿي ٻچڙن جي روزي روٽي ڪندا آھيون ان باوجود به اسان ھر مھيني ميونسپل ملازمن کي رشوت عيوض ٽي کان چار ھزار ڏيندا آھيون ۽ ھاڻ ملازمن اسان کي ھر روز رشوت ڏيڻ لاء زور ڀريو جنھن جي منع ڪرڻ تي ھو اسان مٿان ڏمرجي اسان کي تشددجو نشانو بڻائي اسان جي تزليل ڪئي وئي آھي ھنن وڌيڪ چيو ته ميونسپل ملازمن کي علائقي جي بااثر وڏيرن جي پٺڀرائي حاصل آھي جيڪي ڪنھن به غريب کي بخش نٿا ڪن اسين ايس يس پي ڪنڌ ڪوٽ سميت نگران حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته اسان مٿان تشدد ڪندڙ بدمست ملازمن مٿان ڪيس داخل ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي