ترجمان موجب اسٽيٽ بئنڪ مذهبي معاملن واري وزارت جي درخواست تي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، ريگيولر يا اسپانسر شپ ۾ درخواست جمع ڪرائڻ لاءِ ويجهي بئنڪ سان رابطو ڪري سگهجي ٿو. حج اسڪيم: مذهبي معاملن واري وزارت عازمين حج جي رهنمائي لاءِ حج هيلپ لائن ۽ واٽس اپ نمبر جاري ڪري ڇڏيا آهن، حج درخواستن جي وصولي جو سلسلو 12 ڊسمبر تائين جاري رهندو، جنهن تي غور ڪيو پيو وڃي، سڄي ملڪ مان 20 هزار 556 درخواستون جمع ٿي چڪيون آهن. تفصيل موجب سرڪاري اسڪيم تحت حج درخواستون جمع ڪرائڻ ۾ صرف 4 ڏينهن باقي آهن، سرڪاري اسڪيم تحت حج درخواستون جمع ڪرائڻ وارن لاءِ اهم خبر سامهون اچي وئي آهي، ياد رهي ته ايندڙ سال 89 هزار حج درخواستون جمع ڪرايون وينديون. سرڪاري اسڪيم تحت 605 پاڪستاني حج ادا ڪندا، پهريون ڀيرو عورتون محرم کان سواءِ حج ڪري سگهن ٿيون.