هلندڙ مهيني جي وچ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان، پيٽرول 13 روپيا سستو ٿيندو: ذريعا

عالمي منڊي ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واضع گهٽتائي ٿيڻ کانپوءِ ملڪ اندر هلندڙ مهيني جي وچ ۾ پيٽرول توڙي ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿيڻ جو امڪان آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ مهيني جي 16 ڊسمبر تي پيٽرول جي قيمت ۾ 13 روپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 روپين جي گهٽتائي ٿيڻ جو امڪان آهي ڇاڪاڻ ته عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 5 ڏهائي 49 ڊالر في بيرل تي گهٽ ٿيو آهي عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ ملڪ اندر به تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا امڪان آهن ياد رهي ته ملڪ اندر هن وقت پيٽرو جي ليٽر جي قيمت 281 روپيا 34 جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر جي قيمت 289 روپيا 79 پئسا في ليٽر آهي، عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ لاٿ کانپوءِ ملڪ اندر تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جي اعلان جو 16 ڊسمبر تي امڪان آهي.