غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 133 فلسطيني شهيد، سوين زخمي

غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 133 فلسطيني شهيد ٿي ويا، سوين زخمي ٿي پيا غزه تي اسرائيلي حملن ۾ تيزي اچڻ کانپوءِ خوراڪ جو بدترين بحران پيدا ٿي ويو آهي، شهر جي اڪثر علائقن تائين خوراڪ ۽ ٻي امداد جي رسائي ناممڪن بڻيل آهي خوراڪ جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته غزه جا 36 سيڪڙو خاندان فاقا ڪاٽڻ لاءِ مجبور آهن، متاثر خاندانن تي جلد خوراڪ پهچائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 18 هزار کان وڌي ويو، اسرائيل چڪرين دوران 2 آفيسرن سميت 4 اسرائيلي فوجين جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.