وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ ۽ صدر عارف علوي انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي پيغام جاري ڪيو آهي تفصيل موجب انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي صدر عارف علوي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته فلسطين جي عوام کي سندن حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي صدر عارف علوي چيو ته عالمي برادري فلسطينين خلاف رياستي دهشتگردي تي اسرائيل خلاف قدم کڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، اسرائيل اسپتالن، اسڪولن ۽ رهائشي علائقن تي بمباري ڪئي، اسرائيلي بمباري سان هزارين بيگناهه فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسرائيل غزه ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي، فلسطين ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت هزارين شهري شهيد ٿي چڪا آهن، عالمي برادري غزه ۾ فوري جنگبندي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري نگران وزيراعظم چيو ته عالمي برادري ڪشميرين جي حقن جي بحاليءَ لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ڀارت تي اثررسوخ استعمال ڪري، پاڪستان انساني حقن جي عالمي منشور جي حمايت ۽ پاسداري جاري رکندو.