ڪارپور ۾ ڀوتار غازي منڱڻيجو جي بنگلي تي پوليس ڇاپو هڻي ٽن مھينن کان مبينه طور قيد ڪيل 12 ورهين جي معصوم نياڻي ڳاهيجا ڳوٺ جي رهواسڻ شازيه مڱڻيجو کي بازياب ڪرائي ورتو، معصوم شازيه مڱڻيجو سان مبينه جنسي زيادتي ڪرڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آھي جڏهن ته معصوم نياڻي جي جسم تي سخت تشدد پڻ نشان مليا آھن، جڏهن ته متاثر نياڻي کي ڀوتار جي بنگلي تان بازياب ڪرائڻ کانپوءِ وومين سيل جي معرفت ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج شڪارپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويوجنهن بعد عدالت متاثر نياڻي کي سومر واري ڏينهن تائين وومين سيل حوالي ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايوهوڏانهن معلوم ٿيو آھي ته عدالت پاران ايس ايس پي شڪارپور ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي نوٽيس جاري ڪندي جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو ٻئي طرف متاثر نياڻي واري ڪيس جي ايڊووڪيٽ مير چاچڙ صحافين کي ٻڌايو ته وحشي ڀوتار 65 ورهين جي عمر جو آھي. جڏهن ته نياڻي جي ڪل عمر 12 سالن کان پڻ گھٽ آھي، جنهن کي ٽن ورهين کان مٿي لکيل وحشي ڀوتار بنگلي ۾ يرغمال ڪرڻ بعد سندس والدين کي 50 لک رپيا ڏيڻ جي آڇ ڪندو رهيو پر هو انڪار ڪندا رهيا، جنهن بعد ڪالهه پوليس ڇاپو ھڻي نينگري کي بازياب ڪرائي ورتو.