ڪراچي،سئي گئس انتظاميا سنڌ جي صنعتي شعبي لاءِ ٽن مهينن تائين گئس بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي، سوئي سدرن گئس ڪمپني 15 نومبر کان سنڌ جي صنعتي شعبي جي گئس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ان حوالي سان سئي سدرن گئس ڪمپني جو چوڻ آهي ته اسان جي اولين ترجيح گهريلو صارفين کي گئس ڏيڻ آهي اميد آهي ته بحران وڌيڪ شديد نه هوندو
سئي سدرن گئس ڪمپني جي ترجمان موجب گهريلو واهپيدارن کي ڏکيائين کان بچائڻ لاءِ سڀاڻي کان صنعتي شعبن جي گئس جي فراهمي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي اسان جي پهرين ترجيح اها آهي ته گهريلو واهپيدارن کي گئس ڏني وڃي. ڊسمبر ۾ گهرج وڌڻ ڪري لوڊشيڊنگ جو شيڊول جاري ڪري سگهجي ٿو هوڏانهن سوئي سدرن جي فيصلي تي ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي اڳواڻ زبير موتي والا چيو آهي ته 28 فيبروري تائين صنعتي شعبن کي گئس جي فراهمي بند ڪرڻ بابت اطلاع ڏنو ويو آهي گئس بند ٿيڻ ڪري صنعتي شعبن کي پيداوار ۾ سخت ڏکيائيون پيش اينديون

پنھنجي راءِ لکو