سنڌ جون زمينون سنڌي عوام جي ملڪيت آھن، غريب ھاري بکون پيا ڪاٽين نگران حڪمران زمينون ادارن حوالي پيا ڪن: اصغر ملڪ/ ربڏنو ملڪ
سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ خلاف سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سوين ھارين جو بک ھڙتال. مظاھري کي خطاب ڪندي سنڌي ھاري تحريڪ جي اڳواڻ اصغرملڪ، ضلعي ڪشمور جي جنرل سيڪريٽري صدام کوسو، غلام محمد ، عبدالله کوسو،منصور ٻپڙ ،فتح، سلطان،ربڏﻧﻮ ملڪ ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ھاري وٽ ھڪ ايڪڙ زمين به ڪونھي، ان جا ٻچا بکن تي آھن پر سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار انھن کي زمينون الاٽ ڪرڻ بدران جديد زراعت جي نالي ۾ ادارن ۽ ڌارين حوالي پئي ڪري جيڪو عمل غير قانوني ۽ غير آئيني آھي. اڳوڻن خطاب ڪندي چيو ته ڌارين ۽ ديسي ڀوتارن کان زميـنون واپس وٺي سنڌي بي زمين ھارين ۾ ورھايون وڃن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ڪري ھارين ۽ آبادگارن کي لٽيو ڦريو ۽ ڪنگال ڪيو پيو وڃي پر ڪٿي به انتظاميا نظر نٿي اچي، ھارين کي سيٺين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ھارين ۽ آبادگارن کي مقرر اگھ تي ڀاڻ جي سپلاءِ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ زرعي جنسن جو اگھ وڌائي گارڊ جو اگھ گھٽ ۾ گھٽ 5هزار ۽ سپر سارين جو اگهه 10 هزار مقرر ڪئي وڃي.