ٺڪراٺو لڳ مبارڪپور مائنر جي آر ڊي 26 ڳوٺ اوڏڪي دڙي وٽان 50 فوٽ گهارو سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ ۽ سرنهن جو فصل ۽ ٻن پورهيتن جا گهر پاڻيء هيٺ اطلاع باجود آبپاشي عملو نه پهتو ڳوٺاڻن پاران پنهنجي مدد پاڻ گهارو بند ڪرڻ ۾ مصروف

ٺڪراٺو ويجھو مبارڪپور مائينر کي آر ڊي 26 وٽان 50 فوٽ جو گھارو پئجي ويو آھي ڳوٺ اوڏڪي وٽ مبارڪپور مائينر کي گھارو پوڻ سبب سوين ايڪڙ ڪڻڪ ۽ سرنھن جو فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي جڏھن ته گھاري پوڻ سبب ٻن ڳوٺاڻن مزاري مھر ۽ امام بخش ملڪ جا گھر به پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن ڳوٺاڻن پاران گھاري جو اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي عملدار گھاري واري ھنڌ نه پھچي سگھيا آھن آبادگارن غلام حسين لونگ مھر ۽ ٻين رابطي تي ٻڌايو آھي ته مبارڪپور مائينر ۾ پاڻي اوور ٽاپ ھئڻ سبب گھارو لڳو آھي جيڪو پنھنجي مدد پاڻ تحت بند ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آھيون آبادگارن مطالبو ڪيو آھي ته آبپاشي عملو پھچي وڌيڪ نقصان کان بچائي.