پي ٽي آءِ اڳواڻ خديجه شاهه کي ڪوئٽه پوليس گرفتار ڪري ورتو

پنجاب حڪومت طرفان پي ٽي آءِ ڪارڪن خديجه شاهه جي نظربندي جو حڪم واپس وٺڻ کان پوءِ ڪوئٽه پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو آهي ڪوئٽه پوليس خديجه شاهه کي گرفتار ڪري راهداري ريمانڊ وٺڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪئي. دهشتگردي جي انت واري عدالت خديجه شاهه جو ٻن ڏينهن جو راهداري ريمانڊ منظور ڪري ورتو. عدالت خديجه شاهه کي ٻن ڏينهن ۾ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ڪوئٽه پوليس درخواست ڏني آهي ته ڪوئٽه جي دهشتگردي جي انت واري عدالت مان گرفتاري وارنٽ وٺي ڇڏيو آهي. جوابدار عورت کان جاچ ڪرڻي آهي عدالت 3 ڏينهن جو راهدري ريمانڊ منظور ڪري ياد رهي ته پنجاب حڪومت خديجه شاهه جي نظربندي جو حڪم واپس ورتو هو جنهن جو حڪومتي لکت ۾ آرڊر سرڪاري وڪيل کي عدالت ۾ پيش ڪرڻو هو. خديجه شاهه جي مڙس جهانزيب امين نظربندي جي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي.