ڪراچي مان ٻارن جي اغوا ۽ پراسرار طور گم ٿيڻ جا واقعا تيزي سان وڌڻ لڳا

ڪراچي شهر ۾ ٻارن جي اغوا ۽ پراسرار طور تي گم ٿيڻ جي واقعن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. سال 2023 ۾ ٻين ڏوهن جيان ٻارن جي اغوا ۽ گم ٿيڻ جي واقعن ۾ به اضافو رهيو هينئر تائين 250 کان وڌيڪ ٻارن جو ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي ذريعن موجب هلندڙ سال جي 11 مهينن دوران هڪ هزار 255 ٻار گم ٿيا هئا. گم ٿيل ٻارن ۾ 950 کان وڌيڪ ٻار ملي چڪا آهن جڏهن ته 250 کان وڌيڪ ٻارن ۽ ٻارڙين جا والدين اڃان به پنهنجن ٻچن جي ڳولا ڪري رهيا آهن فلاحي اداري جي سربراهه محمد علي موجب ننڍن ٻارن مان 5 سالن جي عمر جا 15 ٻار مبينه طور تي اغوا ٿيا. 6 کان 10 سالن جي عمر جي اغوا ٿيل ٻارن جو انگ 34 رهيو. 11 کان 15 سالن جي عمر جا 108 ٻار گم ٿيڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا. گم ٿيل ٻارن ۾ 200 ٻار ۽ 50 کان وڌيڪ ٻارڙيون شامل آهن سيپٽمبر مهيني ۾ سڀني کان وڌيڪ 165 ٻار اغوا ۽ گم ٿيا. ٻارن جي گم ٿيڻ جا سڀني کان وڌيڪ واقعا ضلعي شرقي ۾ رپورٽ ٿيا. سال 2023 جي پهرين مهيني جنوري ۾ 98، فيبروري ۾ 112، مارچ ۾ 85 ٻار گم ٿيا اپريل ۾ 45، مئي ۾ 91، جون ۾ 132 ۽ جولاءِ ۾ 122 ٻار گم ٿيا. آگسٽ ۾ 164 سيپٽمبر ۾ 165، آڪٽوبر ۾ 130 ۽ نومبر ۾ 100 کان وڌيڪ ٻارڙا اغوا ۽ گم ٿيا.