ڀارتي سپريم ڪورٽ والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي بحال ڪرڻ بابت درخواستون رد ڪندي آرٽيڪل 370 رد ڪرڻ جي هندو انتهاپسند مودي سرڪار جي 5 آگسٽ 2019 جي فيصلي کي برقرار رکيو ڀارتي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ڊي وائي چندرا چدڪا فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ڀارت کي مڃڻ کان پوءِ والاريل ڪشمير اندروني خودمختاري نٿو رکي. آرٽيڪل 370 جو لاڳو ڪرڻ عارضي هو، آئين جي آرٽيڪل هڪ ۽ 370 جي موجب والاريل جمون ۽ ڪشمير ڀارت جو اهم حصو آهن فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جمون، ڪشمير اسيمبلي جو مقصد باڊي ٺاهڻ نه هو. آرٽيڪل 370 جمون ڪشمير اسيمبلي جو مقصد باڊي ٺاهڻ نه هو. آرٽيڪل 370 جمون ڪشمير جي شموليت کي منجمند نٿو ڪري. سپريم ڪورٽ 5 آگسٽ 2019 جو مودي سرڪار جو آرٽيڪل 370 رد ڪرڻ جو فيصلو برقرار رکندي چيو ته صدر وٽ ڪنهن به آئين کي رد ڪرڻ جو اختيار موجود آهي ڀارتي سپريم ڪورٽ والاريل جمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال ڪرڻ بابت درخواستن کي رد ڪندي والاريل ڪشمير اسيمبلي جون چونڊون 30 سيپٽمبر 2025 تائين ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا ياد رهي ته سپريم ڪورٽ مودي سرڪار طرفان والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت بابت آرٽيڪل 370 کي رد ڪرڻ خلاف درخواستن تي فيصلو 5 سيپٽمبر تي محفوظ ڪيو هو. درخواستن ۾ ڀارتي آئين جو آرٽيڪل 370 ۽ والاريل جمون، ڪشمير جي رياستي حيثيت بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. درخواستن ۾ جمون، ڪشمير کي جمون، ڪشمير ۽ لداخ ۾ ورهائڻ کي به چيلينج ڪيو ويو هو ڀارتي چيف جسٽس ڊي وائي چندراچد جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ڪيس جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪئي. ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 370 کي رد ڪرڻ خلاف درخواستن تي 16 ڏينهن تائين ٻڌڻي ٿي. ڀارتي سپريم ڪورٽ 20 کان وڌيڪ درخواستن جي ٻڌڻي کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو.