استنبول، ترڪي جي شهر استنبول ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ بم ڌماڪي جي جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي پرڏيهي ميڊيا موجب استنبول پوليس استقلال ايونيو ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪي جي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي استنبول جي گهرو وزير ڪردستان ورڪرز پارٽي کي حملي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. گهرو وزير موجب حملي ۾ ڪُردش دهشتگرد تنظيم پي ڪي ڪي ملوث آهي. دهشتگرد حملي سبب 6 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 53 کان وڌيڪ زخمي هئا ترڪ ميڊيا موجب ڳتيل آبادي واري علائقي تقسيم اسڪوائر وٽ بم ڌماڪو ڪيو ويو هو. پاڪستان آمريڪا سميت ٻين ملڪن طرفان بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته استنبول ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 81 زخمي ٿي پيا هئا ڌماڪي وقت سياحن جو وڏو انگ موجود هو آچر جو ڏينهن هجڻ ڪري تقسيم اسڪوائر تي سياحن جي وڏي رش هئي ڌماڪي وقت سي سي ٽي وي ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته واقعي واري هنڌ تي سياحن جو وڏو انگ موجود هو، ڌماڪي کان پوءِ افراتفري پکڙجي وئي جنهن سبب چيڀاٽجڻ سبب ماڻهن جو وڏو انگ زخمي به ٿيو هو
