ڪنڌڪوٽ ڏوھارين جي پوليس کي ڌمڪي بعد انڊس ھاءِ وي تي واردات ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڪلينر اغوا ڪري کڻي ويا پوليس خاموش عوام ۾ خوش پيدا ٿي ويو

خبر موجب: ڪنڌڪوٽ ڪچي جي ڏوھارين ڀيو گينگ پاران ايس ايس پي مير روحل خان کوسو کي ڌمڪي ڏيڻ واري ويڊيو ڀري وائرل ڪرڻ بعد ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي تي ڏوھاري ٽولي جي صورت ۾ اچي گاڏين مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن ڪري ٽرڪ جي ٽائرن کي فائر لڳڻ ڪري ٽرڪ ڪلٽي ٿي وئي ڏوھارين ٽرڪ جي ڊرائيور ۽ ڪلينر عبدالوحيد کوسو، خليل کوسو کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪري ڏوھارين جو پيڇو ڪيو پر پوليس جي ڪيل ڪاروائي ڪاميابي نه ٿي ڏوھاري مغوين کي ڪچي ۾ کڻي وڃڻ لاءِ ڪامياب ٿي ويا ڪجهه وقت ٺاپر بعد ٻيھر اغوا جي واقعن تي عوام ۾ خوف وحراس پيدا ٿي ويو