سپريم ڪورٽ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهي ريفرنس جي ٻڌڻي شروع

سپريم ڪورٽ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهي ريفرنس جي ٻڌڻي شروع ٿي وئي آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان عدالتي ڪارروائي لائيو نشر ڪئي پئي وڃي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهي ڪيس ۾ صدارتي ريفرنس تي 11 سالن کان پوءِ ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ ۾ جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس مسرت بلالي شامل آهن. ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهي بابت صدارتي ريفرنس تي آخري ٻڌڻي 12 نومبر 2012 تي ٿي هئي ٻڌڻي جي شروعات تي اٽارني جنرل ۽ فاروق ايڇ نائيڪ روسٽرم تي اچي ويا. ان موقعي تي اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت پيپلز پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ به عدالت ۾ موجود آهن ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ڪيس جي ڌرين کي ٻڌڻي جي حوالي سان نوٽيس جاري ڪري رکيو هو جڏهن ته سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي لائيو نشر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان حوالي سان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي ڪارروائي سپريم ڪورٽ جي سرڪاري ويب سائيٽ ۽ يو ٽيوب چينل تي ڏيکاري ويندي.