پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي خلاف سائفر ڪيس ۾ فرد جرم اڄ لاڳو ڪئي ويندي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين اڊيالا جيل ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو جنهن جي لاءِ خصوصي عدالت جي جج اڊيالا جيل پهچي ويا آهن جڏهن ته ايف آءِ اي جي اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار عباس نقوي، پي ٽي آءِ ۽ شاهه محمود جا وڪيل به عدالت پهچي ويا آهن عدالتي ڪارروائي جي سلسلي ۾ شاهه محمود قريشي جا گهر ڀاتي به عدالت پهچي ويا آهن. ياد رهي ته گذريل ٻڌڻي تي پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي کي ڪيس جي ڪاپي ڏني وئي هئي.