اسلام آباد،پاڪستان کي سفارتي نقصان پهچائي يو ٽرن خان چوي ٿو سائفر معاملو پوئتي رهجي ويو: شيري رحمان

اسلام آباد، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان عمران خان جي مبينه ڌمڪي واري آمريڪي سائفر بابت بيان تي رد عمل ڏنو آهي شيري رحمان عمران خان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته يو ٽرن خان پنهنجي ٻٽي سياسي تاريخ جو سڀني کان وڏو يو ٽرن وٺي ڇڏيو آهي پرڏيهي سازش جو ڍونگ ڪري پاڪستان کي سفارتي نقصان پهچايو ويو نقصان پهچائي هاڻ چوي ٿو ته سائفر جو معاملو پوئتي رهجي ويو، هاڻ الزام نه لڳائيندس وفاقي وزير پڇيو ته عمران خان جي ڪوڙي بيانيي سان ملڪ کي جيڪو سفارتي نقصان پهتو ان جو ذميوار ڪير آهي؟ آڊيو ليڪ ۾ ظاهر ٿي چڪو آهي سائفر جي معاملي تي هٿ ٺوڪيو ڪوڙو بيانيو ٺاهيو ويو هٿ ٺوڪيو بيانيو ٺاهي ان تي کيڏڻ جي به منصوبه بندي ڪئي وئي هاڻ چئي رهيو آهي ته اهو ماضي جو معاملو آهي سينيٽر شيري رحمان وڌيڪ چيو ته جلسن ۽ جلوسن ۾ اهڙي بيانيي تي ملڪي ادارن مٿان الزام لڳايا ويا ۽ نفرت پکيڙي وئي، ملڪ جي مفاد کي به نقصان پهچايو ويو.عمران خان هاڻ سائفر جي معاملي تان پوئتي هٽڻ جي ڪوشش نه ڪري شيري رحمان چيو ته هي 35 پنڪچرن جو معاملو ناهي جيڪو بعد ۾ چوندا ته سياسي بيان هو، هي قومي سلامتي جو معاملو هو، جنهن جو عمران خان کي حساب ڏيڻو پوندو. سائفر جي معاملي تي هاڻ يو ٽرن قبول نه ڪيو ويندو

پنھنجي راءِ لکو