مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ راڻا ثناءُالله چيو آهي ته جسٽس(ر) جواد ايس خواجه پنهنجي اعتراض جي ذريعي قومي ڏوهارين کي رليف ڏيارڻ چاهي ٿو سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ راڻا ثناءُالله چيو ته جواد ايس خواجه جو سويلينز جي ملٽري ڪورٽ ٽرائيل تي انٽرا ڪورٽ اپيل جي بينچ جي سربراهه تي اعتراض بزدلاڻو قدم آهي هن چيو ته جواد ايس خواجه پنهنجي پوزيشن کي استعمال ڪندي اعليٰ عدليه کي ورهائڻ چاهي ٿو. راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته 9 مئي جا ڏوهاري ملڪ ۽ قوم جا ڏوهاري آهن جيڪي ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. اهڙي حڪمت عملي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي.