سکر :بئراج مان نڪرندڙ سمورا ڪئنال 6 جنوري 2024 کان 20 جنوريءَ 2024 تائين بند رهندا :چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بينڪ ريجن

سکر: چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بينڪ ريجن سکر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب 6 جنوري 2024 کان 20 جنوري 2024 تائين سکر بئراج مان نڪرندڙ سمورا ڪئنال وارابندي تحت بند رهندا. ان سلسلي ۾ سکر بئراج مان نڪرندڙ ڪئنالن جو پاڻي استعمال ڪندڙ آبادگارن ۽ هارين کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته هر سال جيان معمول واري انسپيڪشن ۽ ضروري مرمت جي سلسلي ۾ 6 جنوري 2024 کان 20 جنوري 2024 تائين سکر بيراج مان نڪرندڙ اين ڊبليو ڪئنال، دادو ڪئنال، خيرپور فيڊر ايسٽ ڪئنال، روهڙي مين ڪئنال، نارا ڪئنالن ۾ پاڻي جو ڇوڙ بند رهندو.