سويلين جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جي معاملي تي وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي وفاقي حڪومت طرفان عدالت سڳوري ۾ داخل ڪيل اپيل ۾ فوجي عدالتن بابت حڪم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ اپيلن جي ٻڌڻي دوران عدالتي حڪم کي معطل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي. آهي اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته درخواستگذارن طرفان آرمي ايڪٽ جي سيڪشن 2(1) ڊي ۽ سيڪشن 59(4) کي چيلينج ڪيو ويو هو. ڪيس ۾ اصل تڪرار سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي حقيقتن ۽ آرٽيڪل 199 جي تحت دستياب فورم کي آڏو نه رکڻ آهي درخواست موجب سويلين جي تعريف ۾ سمورا اچن ٿا. چاهي اهي دهشتگرد هجن يا دشمن. سپريم ڪورٽ طرفان 2(1) ڊي ۽ 59(4) کي ڪالعدم ڪرڻ سان نان يونيفارم شهرين جي حوالي سان قانون ختم ٿي ويو. وفاقي حڪومت کي سمورين درخواستن ۾ ڌر بنايو ويو آهي.