ڪراچي،مڪاني چونڊون، سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جي ڪيس ۾ ڌر بنجڻ جي ايم ڪيو ايم جي فوري ٻڌڻي لاءِ داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير جي حوالي سان ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وڪيلن کي مايوسي جو منهن ڏيڻو پيو سنڌ هاءِ ڪورٽ جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جي ڪيس ۾ ڌر بنجڻ جي ايم ڪيو ايم جي فوري ٻڌڻي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم جي وڪيل ايڊووڪيٽ طارق منصور عدالت کي ٻڌايو ته جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جي ڪيس ۾ ڌر بنجڻ چاهيون ٿا اڄ ڪيس جي تاريخ آهي اسان کي به ڌر بنجڻ جي اجازت ڏني وڃي عدالت ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته اوهان جي درخواست داخل ٿي وئي آهي. روٽين ۾ اچي وڃي ته ان کي به ڏسنداسين جنهن کان پوءِ عدالت ايم ڪيو ايم جي ڌر بنجڻ لاءِ فوري ٻڌڻي واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو

پنھنجي راءِ لکو