توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ عمران خان ۽ فواد چوڌري تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهي پي ٽي آءِ جي باني ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ٽيم اڊيالا جيل پهتي هئي جتي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي پر ٻنهي جوابدارن تي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهي فواد چوڌري جي گهر واري حبا فواد جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ عمران خان ۽ فواد چوڌري تي فرد جرم لاڳو نه ڪئي وئي آهي وڌيڪ ڪارروائي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي ٻئي طرف جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهين دوران تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو ته اليڪشن ڪميشن کي ڪوبه اختيار حاصل نه آهي ته هو جيلن ۾ وڃي. اليڪشن ڪميشن ڪا عدالت نه آهي انهن جو ڪم چونڊون ڪرائڻ آهي. هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اوپن ٽرائيل جو فيصلو ڏنو آهي پر اهو اوپن ٽرائيل نه ٿي رهيو آهي.