ٺڪراٺو ڀرسان ڳوٺ اوچيھر واسي 22 سالا نوجوان اڪرم علي پٽ گاھي مھر ٽريڪٽر ٽرالي تي مبارڪپور کان پنهنجي ڳوٺ اچي رھيو ته ٽرالي تان ھيٺ ڪري پيو ٽائر مٿان چڙھڻ سبب هو سخت زخمي ٿي پيو هو گذريل پندرهن سالن ۾ ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي جي علائقي واسين کي صحت جو سهولتون به ميسر نه ٿي سگهيون جنهن سبب حادثاتي طور زخمي ٿيندڙن کي پنوعاقل ، سکر ۽ پنجاب نيو ويندو آهي زخمي نوجوان کي به ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر جي نجي اسپتال نيو ويو جتي ھو زخمن جا سور نہ سھندي فوت ٿي ويو فوت جنهن بعد فوتي جو مڙھ ايمبولنس ذريعي سندس ڳوٺ اوچيهر آندو ويو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو فوتي نوجوان جي امڙ بيهوش ٿي ويئي ۽ علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو