ڪنڌڪوٽ لڳ پاڻي جي واري تان جکراڻي ء مرھيٽي برادري جي ٻن ڌرين م جھيڙو لٺين ء سروٽن ء ڪھاڙين جو وسڪارو لاھي ڏنو 14 ڄڻا زخمي اسپتال منتقل واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ ويجھو رسالدار ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي محمد کوسو ۾ پاڻي جي واري تان جکراڻي ۽ مرھيٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو ٻنھي ڌرين جي ماڻھن ھڪ ٻئي مٿان لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لاھي ڏنو جنھن جي نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين جا 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ وحيد، معشوق علي، روزي خان، ارباب علي، محبوب علي مرھيٽو، اسرار احمد جکراڻي، محمد علي، اسحاق احمد، علي حسن، غلام عمر، غلام باقر، غلام اڪبر جکراڻي شامل آھن واقعي جي اطلاع تي حد ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي کڻائي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ آندو ويو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي زخمين مان چئن جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري انھن کي سکر منتقل ڪيو ويو آخري اطلاع تائین واقعي جي ڪيس داخل نه ٿي سگھيو،