پوليس ڏوھاري کي پڪڙڻ م ناڪام ٿي ويا شھري جاڳي پيا ڪنڌڪوٽ شھر م ڏوھاري اندر گھري آيا ڦر جي ڪوشش شھرين جي مزاحمت تي ھڪ ڏوھاري پڪڙجي پيو پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

تفصيل موجب ڏوھاري شھرن اندر ڪاھي پيا پوليس ڏوھارين کي پڪڙڻ م ناڪام ٿي ويا شھري جاڳي پيا ڪنڌڪوٽ شھر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي واقعن ۾ واڌ موٽر سائيڪل سوار ڦورن جي سٽي پارڪ لڳ ڪريانا اسٽور جي دوڪان مان ڦر جي ڪوشش ھٿيار جي زور تي دوڪاندار راجا پٽ روشن لال کان ڦر ڪرڻ دوران نوجوان راجا ۽ سندس مزدور ھمٿ جو مظاھرو ڪري ھٿياربندن سان مھاڏو اٽڪائي مزاحمت ڪندي ھڪ ڏوھاري کي سوگھو ڪري ٽي ٽي پسٽل کسي ورتي ڏوھارين پاران دوڪاندار مٿان سڌا فائر ڪيا واقعي بعد پوليس پھچي ڪري ڦورو کي موبائيل ۾ کڻي سي سيڪشن ٿاڻي تي ويا متاثر دوڪاندار راجا روشن ٻڌايو ته ٻہ موٽر سائيڪل سوار ڏوھاري دوڪان ۾ اچي پسٽل ڪڍي ڦر جي ڪوشش ڪئي جنهن سان مزاحمت ڪئي ته سڌا فائر ڪيا ھڪ فرار ٿي ويو ٻئي کي پڪري پوليس حوالي ڪيو آهي اسين پاڻ پنهنجي حفاظت ڪيون ٿا پوليس ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي اسان شھرين کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي،