ساره انعام قتل ڪيس: جوابدار شاهنواز کي موت جي سزا

ساره انعام قتل ڪيس ۾ جوابدار شاهنواز کي موت جي سزا ۽ 10 لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي ساره انعام قتل ڪيس جو فيصلو سيشن جج ناصر جاويد رانا ٻڌايو. عدالت شاهنواز جي والده ثمينه شاهه کي ثبوت نه هجڻ جي آڌار تي بري ڪري ڇڏيو ياد رهي ته ساره انعام کي سندس مڙس شاهنواز 22 ۽ 23 سيپٽمبر 2022 جي رات چڪ شهزاد جي هڪ فارم هائوس ۾ مٿي تي جسم ۾ استعمال ٿيندڙ ڊمپل هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو ساره انعام قتل ڪيس جي ٻڌڻي هڪ سال کان وڌيڪ ٿي 3 مختلف ججز ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سيشن جج ناصر جاويد رانا کان اڳ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج عطا رباني، سيشن جج اعظم خان به ساره انعام قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي شاهنواز مير ۽ ان جي والده ثمينه شاهه تي 5 ڊسمبر 2022 تي فرد جرم لاڳو ٿي هئي 9 ڊسمبر 2023 تي عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو.