بخشاپور لڳ ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين م پراڻو خوني تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو فائرنگ ھڪ ڄڻو قتل فائرنگ جو سلسلو جاري ڌريون مورچابند ٿي ويو

تفصيل موجب بخشاپور ويجهو ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪر کنيو خوني تڪرار تان ڳوٺ لطف علي ڊومڪي ۾ ٻنھي ڌرين ۾ جديد ھٿيارن سان فائرنگ فائرنگ جي نتيجي ۾ ڦلواڻي ڌر جو 50 سالن جو پيرسن بخت علي ڊومڪي ڦلواڻي گوليون لڳڻ ڪري ٿڏي تي قتل ٿي ويو ٻن ڌرين ۾ فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جڏهن ته اھڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پر پوليس ننڊ ستل پوليس اطلاع باوجود واقعي واري ھنڌ ڪونه پھتي ـ مقتول پيرسن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو لاش گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي ياد رهي ته ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين م ھن وقت تائين 12 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي ويا ۽ ڪيترائي سخت زخمي ٿي پيا جھيڙي دوران زمين غير آباد بڻيل اسڪول ويران پيل اسڪولي ٻار قلم بجاء ھٿيار کڻي مورچن تي ويھي رھيا قبائلي تڪرار ختم ڪرائڻ لاء ڪو به اڳواڻ توڙي چڱا مڙس نه پھتا