ڪنڌڪوٽ 10 مھينا اڳ اغوا ٿيل نازيا کوسو ۽ ڌي ڪوثر کوسو کي پوليس گبلو ٿاڻي جي حد مان بنگوار برادري جي گئنگ سان مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آهي

تفصیل موجب ڪنڌڪوٽ کان 10 مھينا اڳ اغوا ٿيل نازيا کوسو ۽ ڌي ڪوثر کوسو علاج لاءِ ڪنڌڪوٽ آئي ھئي ته سندن بنگوار گئنگ جي ڏوھارين گھر ويندي رستي مان اغوا ڪري ورتو اڄ کين پوليس مبينا مقابلي بعد نازيا کوسو ۽ ڌي ڪوثر کوسو کي پوليس بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آهي پوليس جو چوڻ آهي ته گبلو ٿاڻي جي حد ۾ بنگوار گئنگ سان مقابلو ٿيو ڏوھاري مغوي نازيا کوسو ۽ ڪوثر کوسو کي ڇڏي فرار ٿي ويا نازيا کوسو ۽ ڌي ڪوثر کوسو جي بازيابي کانپوءِ وارثن ۾ خوشي جي لهر موٽي آئي جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوھارين خلاف سرچ آپریشن جاري آهي جلد ڏوھارين کي به گرفتار ڪيو ويندو

پنھنجي راءِ لکو