ڪنڌڪوٽ : ملڪ جي وڏي بجلي گھر گڊو ٿرمل پاور ھائوس جي 747 ميگاواٽ جي نجڪاري ۽ 600 ميگاواٽ ۽ 415 ميگاواٽ جي جنريشن لائسنس تي بندش لڳائڻ

وائيس چيئرمين دوست علي ڏاھاڻي جوائنٽ سيڪريٽري سليم سومرو، چوڌري زاھد حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واپڊا ٿرمل پاور ھائوس جي سوين ملازمن ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري واپڊا ڪالوني گڊو جي مک گيٽ آڏو 3 ڪلاڪ ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا جنهن سبب پاور ھائوس ايندڙ ويندڙ ملازم گيٽ تائين محدود رھجي ويا ان موقعي تي مزدورن 747 ميگاواٽ جي نجڪاري نامنظور، 600 ميگاواٽ ۽ 415 ميگاواٽ جي جنريشن لائسنس تي لڳايل پابندي ختم ڪريو، مزدورن جا مطالبا منظور ڪريو جا زوردار نعرا لڳايا ويا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته نيپرا پاران ملڪ جي وڏي بجلي گھر گڊو ٿرمل پاور ھائوس جي يونٽ نمبر 1، 2، 3 ۽ 4 جي جنريشن لائسنس تي بندش لڳائي ملازمن کي سخت پريشان ڪيو، گڊو ٿرمل پاور ھائوس جي منافعي بخش پروجيڪٽ 747 ميگاواٽ ڪمبائينڊ سائيڪل کي مٺ ڀڳڙن عيوض وڪرو ڪرڻ جون تياريون ڪري گڊو ٿرمل پاور ھائوس جي مزودرن سان ظلم ڪري رھي آھي، ھنن وڌيڪ چيو ته 747 ميگاواٽ پروجيڪٽ جي نجڪاري گڊو ٿرمل پاور ھائوس جي ملازمن جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي، ھنن وڌيڪ چيو ته حڪمران 747 ميگاواٽ پروجيڪٽ پنھنجي بين الاقوامي آقائن کي وڪرو ڪري قوم ۽ ملڪ جو نقصان ڪري رھيا آھن ھنن وڌيڪ چيو ته موجودھ حڪومت آئي ايم ايف کان قرض وٺڻ لا۽ انھن جون اھڙيون شرطون آمين ڪري رھي آھي، ھنن وڌيڪ چيو ته 600 ميگاواٽ جي بجلي پيدا ڪندڙ سڀني ھلندڙ يونٽن جي جنريشن لائسنس کي رد ڪري مزدورن سان زيادتي ڪئي وئي آھي، ھتان جا ملازم 600 ميگاواٽ کي بھتر نموني ھلائي وڌيڪ بجلي پيدا ڪري سگھن ٿا ھنن وڌيڪ چيو ته 415 ميگاواٽ جي جنريشن لائسنس تي به پابندي مڙھي وئي آھي جيڪڏھن ملڪ جي وڏي بجلي گھر جي سڀئي يونٽن کي بناجواز بند ڪرڻ جو سلسلو جاري رھيو ته مزدور سخت احتجاج ڪندا، ھنن وڌيڪ چيو ته ڪافي وقت کان مزدورن جا اپگريڊ مروپشن روڪيا ويا آھن ڪالوني ۾ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ميسر نه آھي ڪروڙن جا ٽينڊر ٿيڻ باوجود گھرن جي مرمتي ورھين کان نٿي ڪرائي وڃي ھنن مطالبو ڪيو مزدورن جا جائز مطالبا منظور ڪري 747 ميگاواٽ جي نجڪاري ختم ڪري 600 ميگاواٽ ۽ 415 ميگاواٽ جا جنريشن لائسنس بحال ڪيا وڃن ۽ ملڪ دشمن فيصلا واپس ورتا وڃن.