سکر جي شهيد صحافي جان محمد مهر جا اصل قاتل 4 مهينا پورا ٿيڻ باوجود سکر پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام، حڪمرانن ۽ پوليس جي خاطرين سميت عدالتي حڪمن کان پوءِ به قاتل سوگها نه ٿيا، صحافين جي احتجاجي تحريڪ جاري سکر يونين آف جرنلسٽ پاران شهيد صحافي جان محمد مهر جا مک قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف 123 ڏينهن به سکر جي صحافين احتجاجي تحريڪ جاري رکندي سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي علامتي بک هڙتال وارو سلسلو ايس يو جئي صدر امداد بوزدار جي اڳواڻي ۾ جاري رکيو ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ خصوصي شرڪت ڪئيئے جڏهن ته احتجاج ۾ سکر پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري شهزاد تاباڻي، سيد احقر شاهه، خالد ٻانڀڻ، جاويد جتوئي، سليم سهتو، سحرش کوکر، عمر سومرو، جلال الدين ڀيو، ڪامران شيخ، حسيب شيخ، جهانزيب وسير، عنايت ڀٽي، مجيب ورند، يار محمد سومرو، شفيع ابڙو، سيد جواد علي شاهه، فريد سومرو، زمان باجوا، ابراهيم سومراڻي، ناصر جعفري، شاهه ولي، قاضي ضياء الرحمان، سجاد سنجراڻي، عبدالغفور شيخ، صلاح الدين سميجو، انس ملڪ، ارشاد ڍنڍڻ، طفيل وسطڙو، فضل الرحمان قريشي، اسلم دايو، عبدالله مھر، عقيل احمد، نديم، اصغر عباسي، سجاول سومرو ۽ ٻيا موجود هئا سول سوسائٽي جي ڊاڪٽر نظير کوکر، ذوالفقار اڄڻ، سندن ساٿين يڪجهتي جو اظهار ڪندي قاتل گرفتار نه ڪرڻ جي مذمت ڪئي ان موقعي تي صحافي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ قانون جي بالادستي نه هجڻ جي ڪري ڪرپٽ سياستدان، سردار، جاگيردار ۽ وڏيرا ڏوهارين ۽ قاتلن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن، جنهن سبب غريب عوام تڪڙي انصاف کان محروم آهن، اڄ شهيد جان محمد مهر جي وڇوڙي کي 4 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر قاتلن ٻيلن ۾ بااثر ماڻهن وٽ محفوظ آهن. صحافين ۽ عوام جون دانهون ڪوڪون ٻڌڻ وارو ڪوبه ناهي. پوليس ۽ حڪمرانن جي خاطرين ۽ عدالت جي حڪمن کانپوءِ به اصل قاتل آزاد آهن. رياست جي ادارن کان ڏوهاري زور پڪڙي ويا آهن، اهڙي صورتحال سبب پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ طرفان شهيد جان محمد مهر جي اصل قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو ويو آهي ان ڏس ۾ 19 ڊسمبر تي ملڪ گير احتجاج ڪيو ويندو، 25 ڊسمبر تي سڄي سنڌ جي پريس ڪلبن ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي 6 جنوري 2024ع تي سکر پريس ڪلب ۾ آل سنڌ جرنلسٽ ڪنوينشن منعقد ڪيو ويندو، جيستائين قاتلن کي زنده حالت ۾ قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه ٿو آندو وڃي، جدوجهد تان هٿ نه کنيو ويندو.
