سپريم ڪورٽ عرفان رامي کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقيءَ جي معزولي خلاف درخواست تي ٻڌڻي لائيو ٿي سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي برطرف ڪيل جج شوڪت عزيز صديقي جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد کي نوٽيس موڪلي هُن کان الزامن جو جواب طلب ڪري ورتو آهي شوڪت عزيز صديقي جي وڪيل جيڪي ست نالا ڏنا انهن ۾ اڳوڻو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو نالو به شامل هو، پر عدالت قرار ڏنو ته هُن جو هن ڪيس ۾ ڪو سڌو سنئون ڪردار سامهون نه آيو آهي شوڪت عزيز جي وڪيل حامد خان آءِ ايس آءِ جي برگيڊيئر عرفان رامي ۽ برگيڊيئر فيصل مروت کي به ڌر بڻائڻ جي استدعا ڪئي، اڳوڻي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انور خان ڪاسي ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي رجسٽرار ارباب محمد عارف کي به نوٽيس موڪلي ڇڏيو.