شڪارپور ۾ 12 ورهين جي نينگري کي اغوا ڪري زبردستي شادي ڪرڻ جي ڪوشش ۽ مبينا زيادتي جو بااثر سردار تي ڪيس داخل

شڪارپور ۾ 65 سالن جي بااثر سردار پاران 12 ورهين جي نينگري کي اغوا ڪري زبردستي شادي ڪرڻ جي ڪوشش ۽ مبينا زيادتي جو ڪيس جوابدار تي داخل ڪيو ويو آهي 65 سالن جي سردار پاران 12 ورهين جي نينگري سان زبردستي شادي ڪرڻ جي ڪوشش جو ڪورٽ سگوري جي حڪم تي نينگري شازيه منگيجو جي ماءُ جي فرياد تي مقامي سردار غازي خان منگيجو خلاف 20 ميل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي مقامي سردار غازي خان منگيجو فرار ٿي ويو پوليس سردار غازي خان منگيجو جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي ياد رهي ته ڳوٺ گاهيجا جي رهواسي 12 ورهين جي شازيه منڱڻيجو سان سردار غازي خان منگاڻيجو زبردستي شادي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. والدين جي انڪار تي سردار ڇوڪري جي والدين کي 50 لک ڏنڊ جي آڇ ڪري ڇڏي، نينگري ۽ سندس والدين جي انڪار تي علائقي جو مقامي سردار 15 ساٿين سميت ڇوڪريءَ کي اغوا ڪري ويو هو پوليس عدالت جي حڪم تي ڇوڪري کي بازياب ڪرايو هو جنهن بعد جوبدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پوليس موجب بااثر جوابدار پاران 15 ڏينهن کان ڇوڪريءَ سان سندس بنگلي ۾ زيادتي ڪرڻ جو انڪشاف پڻ ٿيو آهي.