نيب ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال ڪرڻ جي الزام هيٺ اڳوڻي اطلاعات بابت وفاقي وزير فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن نيب چيئرمين فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. نيب پڌرائي موجب فواد چوڌري اختيارن جو غلط استعمال ڪيو. جاري ڪيل گرفتاري وارنٽ ۾ چيو ويو آهي ته فواد چوڌري کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان پوءِ انڪوائري جي شروعات ڪئي ويندي ٻئي طرف ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد کان نيب اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي گرفتاري وارنٽ جي تعميل ڪرائڻ ۽ جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت وٺي ڇڏي آهي. جوڊيشل مئجسٽريٽ ياسر محمود جي عدالت ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ نيب اختياريون ۽ جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا نيب اختيارين چيو آهي ته ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال بابت انڪوائري ۾ فواد چوڌري جي ضرورت آهي. نيب چيئرمين سيڪشن 24 اي جي تحت فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري رکيا آهن نيب اختيارين عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته فواد چوڌري جوڊيشل ۽ عدالت جي ڪسٽڊي ۾ آهي. فواد چوڌري جا وارنٽ تعميل ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي. عدالت نيب اختيارين کي فواد چوڌري کان وارنٽ جي تعميل ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي عدالت هدايت ڪئي ته سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل فواد چوڌري کان نيب وارنٽ تي تعميل ڪرائي ياد رهي ته فواد چوڌري فراڊ جي ڪيس ۾ اڳ ئي گرفتار ٿيل آهي. ان کان علاوه فواد چوڌري جي خلاف جهلم کان پنڊ دادن خان ڊونل ڪيريچ وي منصوبي جي باري ۾ به جاچ هلي رهي آهي.