خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي گورنر سردار مهتاب عباسي مسلم ليگ(ن) کان 40 سالن جي ويجهڙائي ختم ڪري ڇڏي. سردار مهتاب عباسي گذريل ڪافي وقت کان مسلم ليگ(ن) جي قيادت کان خفا هو ۽ هن هلندڙ سال فيبروري ۾ (ن) ليگ جي مرڪزي نائب صدر جي عهدي تان به استعيفيٰ ڏني هئي سردار مهتاب خان عباسي ايندڙ چونڊون آزاد حيثيت ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اڄ ماڻهو چون ٿا ته اسان کي ڪنهن ٻئي کٽرايو آهي. هن چيو ته اسان سڀني کي گڏجي ويهي انتقام جون ڪارروايون بند ڪرڻ گهرجن. منهنجا نوازشريف سان اصولي اختلاف آهن. مريم نواز سان ڪوبه اختلاف نه آهي، سياسي پارٽين ۾ جمهوريت هجڻ گهرجي اڳوڻي ڪي پي ڪي جي گورنر صوبائي قيادت تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪي پي ڪي ۾(ن) ليگ جي قيادت پنهنجي ذات جو سوچيندي آهي. (ن) ليگ جو خيبرپختونخواهه ۾ ڍانچو ختم ٿي چڪو آهيھن وڌيڪ چيو ته نوازشريف وٽ هن وقت ڪمزور ٽيم آهي، اهڙي صورحال ۾ معاشي بحران جو حل مشڪل آهي.(ن) ليگ پنجاب تائين محدود ٿي وئي آهي، جيستائين پارٽي نوازشريف وٽ هئي، مضبوط هئي.