آرمي چيف جنرل عاصم منير نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ري يو اين اي جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان ۾ تازي دهشتگردي جي واقعن ۾ تحريڪ انصاف جي ملوث هجڻ ۽ پاڪستان ۾ پاڙيسري ملڪن جي تخريبڪاري جي حوالي سان آگاهه ڪيو جنرل عاصم منير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان ۾ غيرقانوني ترسيل افغان پناهگيرن جي واپسي بابت حڪومتي پاليسي، ڊيره اسماعيل خان حملي، تحريڪ طالبان پاڪستان وٽ جديد ترين هٿيارن جي موجودگي جي حوالي سان پنهنجي ڳڻتي کان پڻ آگاهه ڪيو آرمي چيف والاريل ڪشمير ۽ غزه جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته خطي ۾ امن جو قيام يو اين اي جي قراردادن تي عمل ڪرڻ سان مشروط آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ امن تڪرار ڪشمير جي حل سان جڙيل آهي. ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب حل ٿيڻ گهرجي. ڪشمير جو پراڻو تڪرار حل ٿيڻ تائين ڏکڻ ايشيا ۾ امن نٿو ٿي سگهي آرمي چيف والاريل ڪشمير جي حيثيت تبديلي جي هڪطرفي ڀارتي ڪوشش جي مذمت ڪندي چيو ته ڀارتي قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي ڀڃڪڙي آهي جنرل عاصم منير چيو ته عالمي برادري غزه ۾ جنگبندي ڪرائي ۽ فلسطين تڪرار جي رياستي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل آرمي چيف جي آمريڪي دوري جي آجيان ڪئي.