مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته سموري قوم جون نظرون چونڊن تي آهن ۽ پي ٽي آءِ طرفان آر اوز جي مقرري کي معطل ڪرائڻ جمهوريت جي خلاف سازش آهي پارٽي جي پارلياماني اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ جو باني جڏهن ٻاهر هو تڏهن به انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻ هو جڏهن جيل ۾ آهي ته چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي هن چيو ته پي ٽي آءِ جا 90 سيڪڙو ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز پارٽي ڇڏي چڪا آهن پر(ن) ليگ جا ماڻهو بدترين حالتن ۾ به پارٽي ڇڏي نه ويا. احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ پهريان به 2 صوبن ۾ حڪومت ڪيرائي جمهوريت تي آپگهاتي حملو ڪيو پر ناڪام ٿيا هاڻ هنن کي چونڊن کان ڀڄڻ نه ڏينداسين ليگي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪمشنر ضروري قدم کڻي چونڊون ڪرائي، چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن ڇو ته پي ٽي آءِ هن ڀيري ٻيهر سياسي ايجنڊا پوري ڪرڻ لاءِ عدليه جي ڪلهي کي استعمال ڪري رهي آهي.