پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ عرفان صديقي چيو آهي ته جنرل(ر) راحيل شريف ڪيترائي ڀيرا نوڪري ۾ واڌ جي لاءِ پيغام اماڻيندو رهندو هو نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي عرفان صديقي چيو ته جنرل(ر) راحيل شريف نوڪري جي مدي ۾ واڌ جي بدلي پاناما جو ماملو حل ڪرائڻ جي آڇ ڪئي هئي هن چيو ته ڪيترائي ڀيرا پيغام اماڻڻ کان پوءِ جنرل(ر) راحيل شريف آخرڪار نوازشريف سان سڌو سنئون نوڪري ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو هو عرفان قادر چيو ته نوڪري جي مدي ۾ واڌ جي بدلي راحيل شريف پاناما جو معاملو حل ڪرائڻ جي آڇ ڪئي هئي جنهن کي نوازشريف رد ڪري ڇڏيو هو.